ڪراچي: ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، ياسين آباد ۾ مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪورنگي مان غير قانوني طور ترسيل ٻن افغان شهرين کي حراست ۾ ورتو ويو. شير شاهه پل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي. ياسين آباد ۾ پوليس قبرستان ڀرسان مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي. ڪورنگي ۾ پوليس هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي غير قانوني طور ترسيل ٻن افغان شهرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …