Tuesday , April 1 2025
Breaking News

گرفتار ڪيل فيصل رضا عابدي کي عدالت ڪيڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو؟؟

 

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت چيف جسٽس مخالف بيانن ۽ (ڊيمز خلاف ۽ پاڻي معاملن تي ڳالهائڻ وارو معاملو) جي ڪيس ۾ اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيوآهي. ايف آءِ اي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي اعليٰ عدليه ۽ چيف جسٽس مخالف بيانن جي ڪيس ۾ سينئر سول جج عامر عزيز جي روبرو پيش ڪيو. ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي،  عدالت کي درخواست آهي ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. جوابدار جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، اصيل بيمار آهي، اسپتال موڪليو وڃي. سينئر سول جج عامر عزيز فيصل رضا عابدي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ تي راتاهي جون تياريون

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *