عورت آزادي مارچ، آصف زرداري حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري سکر ۾ نڪرندڙ عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي ان جي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي، اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي آزادي مارچ جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، سنڌ حڪومت عورت آزادي مارچ جي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي. اڳوڻي صدر چيو ته عورتن کي ڪمزور ۽ گهٽ سمجهڻ واري سوچ کي شڪست ملندي، پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي تي ثابت قدم آهي، معاشري ۾ عورتن جي برابريءَ واري حق کي تسليم ڪرڻو پوندو. شهيد بينظير ڀٽو جو ڪردار عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري به عورتن جو آواز ۽ طاقت آهن.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *