Sunday , December 22 2024

آل سنڌ ٽريزري ويلفيئر سوسائيٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) آل سنڌ ٽريزري ويلفيئر سوسائيٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ  ٽئين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جاري رکي وئي. احتجاج جي يونين اڳواڻ انجنيئر جميل احمد لغاري، نور نواز زرداري. ذوالفقار علي بلوچ ۽ ٻيا  اڳواڻي ڪري رهيا هئا. اڳواڻن چيو ته ٽريزري الائونس ڏيئي سمورن ملازمن جي اپگريڊيشن ڪئي وڃي ۽  سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي. هنن گهر ڪئي ته ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، ڪمپيوٽر الائونس ۽ يوٽلٽي الائونسز ڏنا وڃن. هنن چيو ته  اهي  الائونسز سنڌ سيڪريٽريٽ جي سمورن ملازمن کي ڏنا وڃن ٿا، پر اسان کي محروم رکيو ويو آهي. هنن واضح ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين پرامن احتجاج جاري رهندو. اڳواڻن چيو ته اسان کي مجبور ڪيو ويو ته وزير اعلي هائوس يا سنڌ اسيمبلي  تائين مارچ ڪندا سين .

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *