لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۾ ڀرتين لاءِ ٿيل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊرز جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، اميدوارن لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اميدوارن سجاد حسين چنو، عمران علي شيخ، عامر علي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل سال اين ٽي ايس ذريعي فزيڪل ۽ رننگ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود کين آفر آرڊرز ناهن ڏنا ويا، جنهن ڪري اميدوار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊرز ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …