ايس بي سي اي جو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل گرفتار،قيمتي گاڏيون ۽ اربين رپين جي ملڪيتن جا دستاويز هٿ
Asghar Azad
July 7, 2018
سنڌ
1,307 Views
ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عادل عمر جي گهر تي ڇاپو هڻي هڪ ارب رپين جي ماليت جي ملڪيتن جا دستاويز، روڪ رقم، پرائز بانڊز ۽ قيمتي گاڏيون هٿ ڪري ورتيون آهن. نيب اختيارين جوڊيشل ميجسٽريٽ جا وارنٽ ساڻ ڪري عادل عمر جي گهر تي ڇاپو هنيو. نيب بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدار جي گهر ۾ جهڙتي ورتي ۽ هڪ ارب رپين جي اثاثن جا دستاويز هٿ ڪيا. نيب جي پڌرائي موجب عادل عمر جي گهر مان هڪ مرسڊيز، ٽوئيٽا، سوزوڪي سفٽ،لينڊ ڪروز جا دستاويز، 55 لک رپين جا پرائز بانڊ ۽ روڪ رقم،50 ڪروڙ رپين جي پلاٽن جا دستاويز،دبئي ۾ ٽن ملڪيتن جا دستاويز،۽ بينڪ ۾ 5 ڪروڙ رپين جا ثبوت هٿ ڪري ورتا. نيب جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي سنڌ هائي ڪورٽ عارضي ضمانت ڏئي چڪي آهي.