اين اي 198 تي آزاد اميدوار ۽ سردار واحد بخش ڀيو چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون
Asghar Azad
July 11, 2018
سنڌ
1,252 Views
شڪارپور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شڪارپور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 198 تي آزاد اميدوارسردار واحد بخش ڀيو چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، واحد بخش پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ آهي، هن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني هئي. هن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. خانپور جي مختلف ڳوٺن ۾ ميڙاڪن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار واحد بخش ڀيو چيو ته، اقتدار سندس منزل ناهي پر تڪ جي بي يارو مددگار عوام جي خدمت ايوانن ۾ نه هوندي به ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو تڪ جي ماڻهن جي اسرار تي ڪيو آهي. هن چيو ته، ذاتي مفادن تي عوام جي ووٽن جو سودو ڪندڙن خلاف تڪ جي عوام جي خدمت لاءِ ميدان لجي خدمت لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي. هن چيو ته ماڻهن کيس جيڪا موٽ ڏني آهي، اها ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته، اين اي 198 جو عوام سندن ووٽن تي چونڊجي پنهنجا گهر ڀرڻ وارن کان تنگ اچي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي اڳوڻن نمائندن ۽ مفاد پرست کي هتان جو عوام رد ڪري ڇڏيندو ۽ 25 جولاءِ تي موبائل فون تي ٺپو هڻي پاڻ سان ٿيل ظ:من جو حساب وٺندو.