مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار انور مجيد هٿ ڪڙيون هڻڻ دوران اهلڪارن تي ڪاوڙجي پيو

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ جي مختلفکاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد کي اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي جمعي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ايف آءِ اي ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان گرفتار گرفتار ڪيل اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس پٽ اي جي مجيد کي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. انور مجيد ۽ سندس پٽ کي ايئرپورٽ کان ٻاهر وٺي اچڻ دوران ايف آءِ اي اهلڪارن سان اٽڪي پيو. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته، انور مجيد ۽ سندس پٽ کي جيئن ئي ايئرپورٽ کان ٻاهر آندو ويو ته، کيس جوابدار جي حيثيت ۾ هٿڪڙيون هڻڻ جي  ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي اهلڪارن جي اهڙي ڪوشش دوران ان ور مجيد ڏمرجي پيو ۽ اهلڪارن کي دڙڪا به ڏنا. ايف آءِ اي جي هڪ عملدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، انور مجيد ۽ سندس پٽ اي جي مجيد کي اڄ / جمعي ڏينهن بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *