ڪنهن کي آرٽيڪل 6 لڳائڻو آهي ته لڳائي ڇڏي،ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪنداسين: اسفنديار ولي

لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهيت ته، ڊيمن جا مخالف ناهيون پر ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندا رهنداسين، ڪير آرٽيڪل 6 لڳائي ٿو ته ڀلي لڳائي. اي اين پي جي سربراهه، لاهور ۾ نواز شريف جي رهائشگاهه جاتي امراءَ ۾ سندس گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪئي. نواز شريف سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيوته، اسان ڊيمن جا مخالف ناهيون ۽ نه ئي ڪڏهن ڊيمز جي مخالفت ڪئي آهي، پرڪالا باغ ڊيم تي اعتراض آهن، اسان ان جا مخالف آهيون ۽ مخالفت ڪندو رهندس، جيڪڏهن ڪير آرٽيڪل 6 لڳائي ٿو ته ڀلي لڳائي ڇڏي. ان موقعي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو بدزبان رهيا آهن هاڻي وري انهن کي اسيمبلي ۾ آندو ويو. اسفنديار ولي چيو ته مان عمران خان کي وزيراعظم مڃان ئي نه ٿو. ڇو ته اهو چونڊيل نه پر سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي ۽ ن ليگ طرفان ڪا تحريڪ هلائي وئي ته ان جو حصو هونداسين.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *