ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ پ جي سينئر اڳواڻ سيد قائم علي شاهه جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس هدايت ڪئي آهي ته نئب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري.اڳوڻي وڏي وزير سيد علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ حفاظت واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. قائم علي شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته، نئب سندس نالو جاچ ۾ شامل ڪيو آهي، انڪري هُو عدالت ذريعي معاملي کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو. عدالت سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هدايت ڪئي آهي ته، هُو (قائم علي شاهه) لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري ۽ نئب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري.
ضياءَ لنجار، منظور وساڻ ۽ امتياز ملاح خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ٿي وئي