Wednesday , April 2 2025

ڪراچي ۾ ڪوئيٽا واسي 5 معصوم ٻارڙاحياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ هڪ هوٽل تي مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي جي صدر ۾ هڪ مشهور هوٽل تان مبينا طور زهريلي ماني کائيندڙ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ايس پي گلش جو چوڻ آهي ته، فوتي ٻارڙن ۾ ڏيڍ سال جو عبدلعلي، 4 سالن جو عزيز فيصل، 6 سالن جي عاليه، 7 سالن جو توحيد ۽ 9 سالن جي صلويٰ شامل آهن. فوتي ٻارڙن جي امڙ جو هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. پوليس فوتي ٻارڙن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *