لاڙڪاڻي شهر ۾ بلاول جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي شڪست، نثار کهڙو جو ايندڙ عام چونڊن لاءِ رستو صاف
لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ جي ڊي اي جي معظم عباسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي شڪست ڏئي ٻيهر ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي 31 هزار 557 ووٽ کڻي جميل سومرو کي شڪست ڏئي ميدان ماري ورتو آهي. پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل / سياسي معاملن بابت سيڪريٽري جميل احمد سومرو 26 هزار 21 ووٽ کڻي هارائي ويو آهي.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن اچڻ کانپوءِ پ پ پ اميدوار ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو هڪ نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جميل سومرو چيو ته ننڍي چونڊ ۾ به گذريل عام چونڊن واري رويي کي ورجايو ويو آهي. اسان کي جيستائين فارم 45 ملندو رهيو ايستائين منهنجي سرسي هئي ۽ جڏهن فارم 45 ملڻ بند ٿيو ته منهنجي سرسي ناڪامي ۾ تبديل ٿي وئي.
http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d8%a7%da%99%da%aa%d8%a7%da%bb%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d9%be%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d8%b3-11-%d9%be%d9%8a%d9%be%d9%84%d8%b2%d9%be%d8%a2%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%87%da%aa-%da%80/?fbclid=IwAR0CI9qyHjfatPl-bdLrPvG1XzrynYFJlaBX9Dyk4r2sG-9vJvrMLG_g-fw