ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماچار) موسميات کاتي ڪراچي ۽ ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيهر تيز مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ چوويهن ڪلاڪن دوران، ڪراچي، ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص سميت مختلف علائقن ۾ تيز مينهن وسندو. موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ کانپوءِ پراوينشنل ڊزاسٽر اٿارٽي / پي ڊي ايم اَي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽي سميت ٿرپارڪر، ٽنڊُ الهيار، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ مينهن پوندو، انڪري ض:عي انتظاميا ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …