Saturday , December 21 2024

ستيتاليهون دروازو آخر ويو ڪيڏانهن؟، ذميوار ڪير؟ 12ڪلاڪ هلندڙ اجلاس بنا نتيجي ختم

آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جي دورازي لڙهي وڃڻ جو ذڪر ئي نه ڪيو، 12ڪلاڪ هلندڙ اجلاس ۾ ذميوارن جي نشاندهي به نه ٿي سگهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبپاشي وزير چيو ته؛ ”هڪ دروازي کي وڌيڪ ۽ ٻئي کي گهٽ نقصان ٿيو“.

سکر ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سکر بئراج جي  لڙهي ويل دروازي جو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به اتوپتو پئجي نه سگهيو، دروازو لڙهي ويو يا ڪڍي ڪنهن هنڌ منتقل ڪيو ويو؟، دروازو لڙهي وڃڻ بابت آبپاشي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس بنا نتيجي جَي ختم، جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير اهو به طعي نه ڪري سگهيو ته سموري صورتحال جو ذميوار ڪير آهي. خميس جي رات جو دير سان، سنڌ جي زراعت ۽ معيشت جي ڪرنگهي سکر بئراج جي دروازي نمبر 47جي لڙهي وڃڻ بعد گذريل ڏينهن آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ لڳ ڀڳ 12ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ختم ٿيڻ بعد گذريل رات دير سان ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته، اجلاس ۾ بئراج تي هلندڙ مرمتي ڪم ۽ لڙهي ويل دروازي واري معاملن سميت لاڳاپيل مسئلن تي غور ڪيو ويو، دروازو لڙهي وڃڻ ۽ ڪجهه ٻين دروازن جي متاثر ٿيڻ جو به جائزو ورتو ويو.

ڄام خان شورو چيو ته بئراج کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪئنالز خاص طور تي کاٻي پاسي وارا ڪئنال بند ڪيا ويا آهن، احهي ڪئنال ڪڏهن کوليا ويندا ان بابت ڪجهه به نه ٿا ٻڌائي سگهون. هن چيو بحريا فائونڊيشن ۽ پاڪستان شپ يارڊ جي ٽيم سک پهچي معاملي جو جائزو وٺي آچر تائين رپورٽ آبپاشي کاتي کي ڏيندا، جنهن  جي روشني ۾ وڌيڪ قدم کڻي سگهبا. ڄام خان شورو سکر بئراج جي دروازي جي لڙهي وڃڻ بدران ان کي نقصان پهچڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو، هن چيو ته هڪ دورازو گهڻو متاثر ٿيو ۽ ٻيو ڪجهه گهٽ متاثر ٿيو، آٻپاشي وزير کان جڏهن هڪ صحافي سوال ڪيو ته هن سموري معاملي جو ذميوار ڪير آهي؟ ته ڄام خان شورو صحافي کي منع ڪندي ٻين صحافين کان سوال ڪرڻ جو چئي مسلسل ان ڳالهه کان لنوائيندو رهيو ته ان معاملي جو ذميوار ڪير آهي.

سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ سکر بئراج جو مرمت ڪيل دروازو لُڙهي ويو

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *