حيدرآباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انتظامي عهدن تي پي ايڇ ڊي هولڊر پروفيسرز کي انتظامي عهدن تان نه تي وي سي ۽ 34 انتظامي عهدن جي پروفيسرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي به نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ انتظامي عهدن تي مقرر پي ايڇ ڊي استادن جي مقرر هجڻ، انهن کي نه هٽائڻ ۽ آفيسرن کي ترقيون نه ملڻ واري معاملي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواستگذار کي هيسائڻ تي جاري ڪيل منع نامو برقرار رکندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته استادن جي انتظامي عهدن تي مقررين سان سندن آئيني حقن متاثر ٿيا آهن، اهڙيون مقرريون يونيورسٽي جي ضابطن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. درخواستگذارن جو موقف آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سالن کان انتظامي عهدن تي پي ايڇ ڊي استادن کي مقرر ڪري لائق انتظامي آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ واري عمل کان محروم رکيو ويو آهي. انتظامي عهدا تدريس ۽ تحقيق ڪندڙ ٽيچرن جي هٿن ۾ موجود آهن اهڙيون مقرريون نه صرف استاد جي تعليمي ذميوارين ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون پر سندن اضافي الائونسز ۽ فائدي فراهم ڪرڻ سان سرڪاري اداري جي مالي وسيلن تي به اضافي بار پيو آهي. سي پي نمبر ڊي 59، 2017 جي فيصلي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ جي ٻين تازين فيصلن ۾ هدايتون ڏنل آهن ته استادن کي انتظامي عهدن تي نه هئڻ گهرجي وائيس چانسلر کي اھڙي شڪايت ڪئي انتظامي عهدا صرف انتظامي عملدارن کي ڏيڻ گهرجن، سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد پاران 5 اپريل 2021 تي اضافي چارجز کي رد ڪيو ويو پر ان تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا عمل ڪيو پر سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هيل تائين عمل ناهي ڪيو.