پاڪستان پيپلزپارٽي جي اتحادي ن ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مان چولستان ڪئنال سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، چولستان ڪئنال تي تيزي سان ڪم جاري، سيد زين شاهه چولستان ڪئنال تي جاري ڪري ڇڏي. چولستان ڪئنال جي تعمير تي ڪم به جاري.
ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اتحادي ن ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مان چولستان ڪئنال سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، چولستان ڪئنال تي تيزي سان ڪم جاري، سيد زين شاهه چولستان ڪئنال تي جاري ڪري ڇڏي. چولستان ڪئنال جي تعمير تي ڪم به جاري.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياءُ بچايو ڪميٽي جي سرواڻ سيد زين شاهه، چولستان ڪئنال جي ٺاهڻ واري ڪم واريون ٻه ڌار ڌار وڊيوز جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ چولستان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ جديد ترين مشينري ذريعي ڪم ڪيو پيو وڃي، سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان نام نهاد ٺهراءُ منظور ڪري ڪئنالن خلاف سنڌي قوم جي جاري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ۽ سنڌي قوم کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿي، پر اسان واضح ٿا ڪيون ته سنڌ ايستائين خاموش نه ويهندي جيستان سنڌو تي لڳندڙ ڌاڙو مڪمل طور ۽ هميشه لاءِ ختم نه ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي.
سيد زين شاهه پاران چولستان ڪئنال ڪڍڻ واري ڪم جي وڊيو جاري ڪرڻ باوجود سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ان کي ماڊل قرار ڏيندي اڻسڌي طرح ڪئنال جي تعمير جو اقرار به ڪري رهيا آهي.
ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، زين شاهه اتي ويڊيو ٺاهي جتي رڳو ڪئنال جو ماڊل آهي، کيس چئو ته هڪ ماڊل جي نه سموري علائقي جي ويڊيو ٺاهي ڏيکاري: وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر چولستان ڪئنال ٺهڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چولستان ڪئنال نه ٺهي رهيو آهي ۽ نه ئي وري ٺهندو، زين شاهه پنهنجي ويڊيو ۾ رڳو اها جاءِ ڏيکاري جتي رڳو ماڊل ٺهيل آهي.