ماحولياتي تبديلين سنڌو درياءَ ۽ سنڌو سڀيتا تباهه ٿي رهي آهي: ماحولياتي ماهر

ڪراچي(رپورٽ : اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ماحولياتي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ماحولياتي تبديلن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاشي ۽ سماجي نقصانن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل ادارن جي لاپرواهي، ٻيلن جي واڍي، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ وڏي پئماني تي زمينن، واهن، ڪئنالن ۽  شاخن جي ڪَپرَن تان وڻن جي واڍي ماحولياتي تباهي جو مک ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

نيشنل اڪيڊمي پرفارمن آرٽس (ناپا) ۾ڪلائمينٽ ايڪشن سينٽر پاران “ اميجننگ لائف ” / زندگي جو تصور؛ جي سِرَي هيٺٿيل ٻن ڏينهن واري ڊائلاگ ۾، ماحوليات لاءِ جاکوڙيندڙن ڳالهائيندي چيو ته، ملڪ اندر هر دور جي حڪومتن ماحولياتي پاليسي، قانون سازي ڪري ادارا ته جوڙيا پر حڪومتن جي لاپرواهي، لاڳاپيل ادارن جي بي ڌياني، مجرماڻي لاپرواهي سبب ماحوليات جي تحفظ لاءِ جوڙيل قانون تي نالي ماتر به عملدارآمد نه ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماحولياتي تباهي جا اثر ظاهرٿي رهيا آهن. ڊائلاگ ۾ حصو وٺندڙڻ جو چوڻ هو ته، ”حڪومتن جي بي ڌياني ۽ ماحولياتي پاليسي تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ڪري ٻيلن جي واڍي، فوسل فيول جو استعمال، سمنڊ جي سطح ۾ اضافو اهڙا مسئلا آهن جن ماحوليات تي انتهائي خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن”، هننچيو ته، ” سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي، اڳ ۾ موجود ڊيم ڀرڻ، شهرن جو گندو پاڻي درياءَ ۾ نيڪال ڪرڻ، سنڌو درياءُ نه رڳو سوڪهڙي جو شڪار آهي، پر جيڪو به پاڻي موجود هجي ٿو اُهو زراعت، انسانن سميت هر ساهواري لاءِ انتهائي هاڃيڪار هجڻ سان گڏ ماحوليات جي تباهي جو به ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.”

مقررن جو چوڻ هو ته، ” حڪومتي نقاص پاليسين ۽ مخصوص ڌرين يا علائقن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ درياءَ جي پاڻي کي ورهائڻ جي نتيجي ۾ هاڻي اسان جو شير درياءَ مري رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌو سڀيتا جي بقا لاءِ خطرناڪ مسئلا پيش اچي رهيا آهن، هننچيو ته واڳ ڌڻين پاران ماحولياتي تحفظ ۽ سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته اسان جي ڌرتي تي زندگي جو تصور ختم ٿي ويندو.“

پروگرام جي پهرين ڏينهن مختلف ماهرن سان سيشن ۽ فيچر فلم جو پريميئر شو پڻ ڏيکاريو ويو. پروگرام جي شروعات ۾ ميزبان ياسر حسين ۽ سعديه عباس آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي پروگرام جي مقصد ۽ زندگي جي تصور بابت حاصلات جي حوالي سان تفصيلي روشني وڌي. ان موقعي تي مقررن چيو ته زمين گرم ٿيندي پئي وڃي ۽ موسمي تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري اربن فلڊنگ ، ٻيلن ۾ باهيون ، گليشيئر رجڻ سان سامونڊي سطح  ۾اضافو واضح مسئلا آهن . هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ موسمي تبديلين جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن . پاڪستان موسمي تبديلن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، سنڌ ۾ 2022ع واري مها ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي ، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 21 لڳ گهر تباهه ٿيا ۽ سمورو معاشي ۽ سماجي ڍانچو ۽ آبپاشي نظام خراب طريقي سان متاثر ٿيو آهي. پرگرام جي سٽاءَ موجب سعديه عباس” ماحولياتي تباهي “تي دانشورن جو سيريز لاءِ ذهني ۽ جذباتي ميدان تيار ڪرڻ جي موضوع تي روشني وڌي. نيلوفر فرخ تنقيدي مشق ذريعي آبهوا ۽ ثقافت کي چئلينج ڪرڻ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته متبادل توانائي جي ذريعن کي اپنائڻ بابت پينل ڊسڪسشن ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي راهول اعجاز جي ڊائريڪشن ۾تيار ڪيل فيچر فلم “ انڊس ايڪو ” (سنڌوءَ جي گونج) جو پريميئر شو پڻ منعقد ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ “سنڌو جي زندگيءَ جو تصور” جي سري هيٺ سيڻ ٿيو ، جنهن ۾فلم ڊائريڪٽر راهول اعجاز، ماحولياتي ماهر ياسر حسين ۽ ماحولياتي ليکڪ ، اديب ۽ سينيئر صحافي ۽ ماحوليات جي ماهر آفاق ڀٽي سنڌو درياءَ، سنڌو سڀيٽا ۽ ماحولياتي مسئلن جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته هي هڪ فلم نه پر سنڌو درياءَ جو نوحو آهي، فلم ۾ جي ڪهاڻي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن، جن ۾ آبي جيوت جي زندگي کي خطرا، وڻن ۽ ٻوٽن، مهاڻن ۽ انڊس ڊيلٽا جي درد ڪهاڻي سمايل آهي. هن فلم کي ڏسڻ کانپوءِ اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته سنڌو درياءَ رڳو هڪ درياءَ نه پر سنڌو تهذيب جو اڏڻهار ۽ تهذيبن جي بقا جو وسيلو آهي. ڊائريڪٽر راهول اعجاز تمام سٺو اسڪريپٽ کڻي ڪري شاندار فلم بندي سان هڪ شاهڪار فلم ٺاهي آهي. جيڪا ڏسندڙن کي ضرور پسند ايندي. سعديه عباس ميزباني جا فرض سرانجام ڏنا. اڄ پروگرا جي ٻئي ڏينهن تي پن مختلف سيشن منعقد ڪيا ويندا.

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *