اڳوڻي صدر آصف زرداري سان پ پ پ سنڌ جي اڳواڻ امجد کوکر دبئي ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. امجد کوکر ٽنڊوالهيار ضلعي جي حوالي سان ، سياسي، سماجي ۽ عوامي مسئلن تي ڳالهه ڪئي. ملاقات دوران آصف زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارٽي اڳواڻن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ساڻن هر وقت رابطي ۾ رهڻ گهرجي ۽ ايندڙ عام چونڊن لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وڃي. ٻي طرف امجد کوکر سنڌسماءَ چار سان ڳالهائيندي چيو ته ، اڳوڻي صدر ۽ پارٽي سربراهه آصف علي زرداري سان ملاقات دوران سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ آصف زرداري سان ٿيل ملاقات تمام گهڻي مفيد ثابت ٿي.
Tags Amjad Ali Khokhar Asif Zardari Asif Zardari Meets PPP leadr in dubai former President of Pakistan PPP leader Amjad Khokhar
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …