نيب قانون جي خاتمي خلاف ڪيسز ٻڌڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ قائم

Munib Akhtar JusticeAhmad Ali Sheikh Justice

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب قانون ختم ڪرڻ خلاف داخل آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ 3 رڪني لارجر بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي، درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي 22 آگسٽ تي ٿيندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نيب قانون جي خاتمي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني لارجر بئنچ ۾ چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس محمد ڪريم خان آغا شامل آهن.

سنڌ اسيمبلي مان نيب قانون ختم ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان، فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ سميت مختلف ڌرين جون 5 ڌار ڌار درخواستون داخل ٿيل آهن، جن تي ٻڌڻي هلندڙ آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم ٿيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ سمورين درخواستن ٻڌڻي 22 هين اگسٽ تي ڪندي..

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *