استادن کي هر 5 سالن کانپوءِ ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻي پوندي، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ سرڪار صوبي ۾ استادن کان هر 5 سالن کانپوءِ ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي فائدا ۽ خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ تعليمي سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم وارو صوبائي وزير، سيڪريٽري، قانون وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ٽيچرس ريفارمز بل ۽  استادن جي مقرري ٿرڊ پارٽي کان ڪرائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته هر 5 سالن کانپوءِ سمورن استادن کان ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ ايندڙ 4 سالن ۾ هڪ بهترين ٽيچرس ٽريننگ اڪيڊمي قائم ڪئي ويندي جتي استادن کي تربيت لاءِ وڃڻو پوندو. مراد علي شاهه چيو ته جيڪي استاد ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ ٽيچنگ جو سٺو رڪارڊ رکندڙ هوندا، انهن کي فائدا ڏنا ويندا، جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *