اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيپرا بجلي في يونٽ ۾ 2 رپيا 98 پئسا سَسَتي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، بجلي سستي ٿيڻ سان عام ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڊسمبر جي فِيول ايڊجسٽمينٽ جي مَد ۾ ڪئي وئي آهي جيڪو 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي لاڳو ٿيندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي ورهاڱي واريون ڪمپنيون فيبروري جي بلز ۾ عوام کي رليف فراهم ڪنديون جڏهن ته لائف لائن ۽ زرعي صارفين کي ان جو رليف نه ملي سگهندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول جا نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندا.
Tags NEPRA NEPRA Rate reduce
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …