پاڻي ڪميشن سکر جي ڪرن شگرملز جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم، سکر جي ڪرن شگر ملز جي مالڪ کي گرفتار ڪري ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.واٽر ڪميشن جي اجلاس دوران سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي / سيپا جي عملدارن رپورٽ پيش ڪندي چيو ته، فيڪٽرين ۾ ماحوليات جي معائني واري معاملي تي سيپا آفيسر ڪميشن کي آگاهي ڏني ته ڪرن شگر مل سکر ۾ کين فيڪٽري اندر داخل نه ٿيڻ ڏنو ويو، جنهن تي امير هاني مسلم شگر مل جي مالڪن کي 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو  ۽ ايس ايس پي سکر کي شگر مل مالڪن جي پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

 واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران صحت کاتي ۾ ايم ايس پاران ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري ۽ صحت کاتي ۾ مختصر عرصي وارين مقررين ۽ بدلين بابت سيڪريٽري سروسز کان جواب طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاڻي ڪميشن جي ڪارروائي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. صحت جي سهولتن واري معاملي تي صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو به ڪميشن آڏو پيش ٿيو.ڪميشن سربراهه چيو ته ايم ايس کي پاليسي جوڙڻ يا ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي؟ چيف سيڪريٽري جواب ڏئي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *