اسلام آباد( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي جي عدليا خلاف توهين آميز تقريرون ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، معاملي جي ٻڌڻي 18 هين اپريل تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، اڳوڻي پ پ اڳواڻ فيصل رضا عابدي خلاف توهين عدالت وارين تقريرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي معاملو سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاران ورتل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي سڀاڻي اسلام آباد ۾ رکي وئي آهي. واضح رهي ته فيصل رضا عابدي پ پ جي حڪومتي دور ۾ عدليا مخالف تقريرون ڪيون هيون، جنهن جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.
Tags Ex senator Faisal Raza Abidi Faisal Raza Abidi contempt of court case
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …