سنڌ سرڪار، سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ سرڪار صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اعتراضن کانپوءِ سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي، جنهن کانپوءِ بل کي سنڌ اسمبلي ۾ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي جي سنڌ جو چوڻ آهي ته صحافين ۽ اديبن سان مشوري بعد بل جو نئون مسودو تيار ڪيو ويندو. سنڌ سرڪار صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اعتراضن کانپوءِ سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 تان هٿ کڻي وئي آهي.

سنڌ سرڪار پاران بل کي هاڻي منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اي جي سنڌ ضمير گهمرو جو چوڻ آهي ته صحافي ۽ ادبي تنظيمن جي اعتراضن بعد بل ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي صحافي ۽ ادبي تنطيمن جي اڳواڻن سان مشوري بعد بل جو نئون مسودو تيار ڪيو ويندو، جنهن بعد ان جي سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ سرڪار سنڌ پريس نيوز پيپر، نيوز ايجنسي ۽ بڪ بل 2017 سنڌ ڪابينا مان منظور ڪرايو هو، جنهن تي صحافي ۽ ادبي تنظيمن اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته بل ۾ ڪجهه اهڙيون شقون شامل آهن، جيڪي آمريتي دور جون آهن.

 

لاڳاپيل نيوز جي لنڪ

sindhsamaachar.com/2017/09/26/%D9%87%D8%B1%D9%82%

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *