ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير اسماعيل راهو، وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ صوبائي دشمني ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي نڪري پئي آهي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، نام نهاد تبديلي حڪومت کي پنهنجا واعد پورا ڪرڻ گهرجي، آئيني ادارن ۽ آئين سان هٿ چراند ڪرڻ بند ڪري. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته هڪ وفاقي وزير ڪراچي جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ ٻيو وري اين ايف سي ايوارڊ مان حصو ڪٽڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پهرين ٽاسڪ فورس ڪي پي ڪي ۾ ٺاهڻ گهرجن کين سنڌ جو فڪر نه ڪرڻ گهرجي. اسماعيل راهو چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبن ۾ مداخلت ڪرڻ بدران انهن کي پنهنجو حق ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي عوام ۾ پهرين ئي احساس محرومي آهي، کين وڌيڪ ڀت سان لڳائڻ واري عمل کان پاسو ڪيو وڃي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، فاٽا صوبن جو نه پر وفاق جو مسئلو آهي.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …