فاروق ستار جيالو ٿيڻ چاهي ته اسان جا درواز کليل آهن: ناصر شاهه جو اعلان

ڪراچي( رپورٽر      سنڌسماءَچار) صوبائي وزير ناصر شاهه متحده  اڳواڻ فاروق ستار کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت  ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن فاروق ستار  جياليو ٿئي ته اسان کيس ڀليڪار چونداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي ناصر شاهه چيو ته  نيب جون سنڌ ۾ ڪارروائيون جاري آهن،ن ليگ ادارن کي ٽڪراءُ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي ۽ موجودهه عدليا ڪنهن جي به  ماتحت ناهي. عدليا جي حوالي سان نوازشريف ۽ شهباز شريف جي پاليسي ساڳي آهي. هن الزام لڳايو ته ميان نواز شريف  پنجاهه رپين ۾ نه پر اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي. صوبائي وزير چيو ته، عمران خان بابت تبصرو ڪندي ناصر شاهه چيو ته خان صاحب هميشه ڪوڙ ڳالهائيندو آهي،هن سدائين ٻٽي پاليسي اپنائي آهي. هن چيو ته نيب لاڳاتار سنڌ ۾ ڪارروائيون جاري رکيون آهن ۽ ان روئي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *