ريلوي پوليس سکر جي ڪارروائي، سرڪاري ڪوارٽرز مان غيرواسطيدار ماڻهن کي لڏائڻ جي ڪوشش
سکر (رپورٽر سنڌسماءَچار) سکر ۾ ريلوي پوليس اوقاف کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد قريشي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ريلوي پوليس ايوب گيٽ واري علائقي ۾ ڪوارٽرز تي ٿيل قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ته علاقي واسين مزاحمت ڪئي، اوقاف کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد قريشي مزاحمت ڪندڙن جي اڳواڻي ڪري رهيو ته ريلوي پوليس ڪارروائي ڪري سعيد قريشي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ريلوي پوليس سعيد قريشي سميت گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي ريلوي پوليس لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي رهواسين جي مزاحمت کانپوءِ ريلوي اختيارين قبضا ڇڏائڻ لاءِ عارضي طور تي آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي.