گذريل خميس واري ڏينهن جي شام جو قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويل زائرين جي جي جسمن جي عضون جا ٽڪرا گند جي ڍير تگي اڇلايا ويا. سيوهڻ جي پوليس ۽ تعلقي توڙي ڄامشورو ضلعي جي انتظاميا سنڌ حڪومت جي ساڍن 8 سالن جي ڪارڪردگي جو اعليٰ مثال پيش ڪيو. انتظاميا قلندر جي درگاهه ۾ ڌماڪي بعد ان جي صفائي دوران شهيد ٿي ويل ماڻهن جي جسمن جا عضوا به گڏ ڪري دفنائڻ جي تڪليف بنهه نه ڪئي ۽ اهي انساني عضوا گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيا.
راتين جو ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دوري بهاني پڪنڪ ملهائيندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي جي شهر سيوهڻ ۾ دهشتگردن پاران ڪيل ڪهر کانپوءِ به نه ته وڏي وزير کي ڪو هوش آيو نه ئي وري اتان جي انتظآميا کي.
ڄامشورو جو ڊپٽي ڪمشنر به انساني عضوا ڍير تي اڇلائڻ جا مختلف ڪارڻ بيان ڪري رهيو آهي، پر هو ان عمل تي پشيمان بلڪل ناهي.
سنڌ جاماڻهو سوال ڪن ٿا ته پيپلز پارتي آخرڪار ساڻن اهي قهر ڪهڙي ڏوهه جي سزا طور ڪري رهي آهي.
سٽون-اصغر آزاد- ايڊمن
www.sindhsamaachar.com