Thursday , January 23 2025

پاڪستان

فنڪشنل ليگ سنڌ جي اڳواڻ سائره نصير ڪار ۾ باهه ڏئي ساڙي قتل

حيدرآباد(خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار ) فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ سنڌ جي اڳواڻ سائره نصير شاهه کي اڻڄاتل جوابدار سندس ئي ڪار ۾ باهه ڏئي ساڙي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو ڏکيو ضرو آهي پر جوابدارن تائين پهچي وينداسين، سنڌ سماءَ چار کي …

Read More »

ميرپور ساڪرو ويجهو سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي، 22 ڄڻا ٻڏي فوت، 40 کان وڌيڪ جي ڳولا

ميرپور ساڪري ڀرسان سمنڊ ۾ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيلن مان وڌيڪ 6 ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ بعد فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي، ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 35 ڄڻن کي بچايو ويو هو ۽ 22 ڄڻن جا لاش ڪڍيا …

Read More »

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن تڪرار ٻن زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻن زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پولي واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڪي به داخل …

Read More »

آبپاشي کاتي خيرپور جي 50 ڪروڙ جا ٺيڪا من پسند ٺيڪدارن حوالي

خيرپور( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) خيرپور ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ٺيڪيدران کي ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ٺيڪيدارن محسن مهر، بهادر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو …

Read More »

ميهڙ اسپتال تي عدالتي ڇاپو، ايم ايس سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، دهشتگردي ايڪٽ به شامل

دادو (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) مهيڙ تعلقي اسپتال ۾ ڪرپشن، جج ڇاپي هڻي ايم ايس سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، دهشتگردي ايڪٽ سميت فراڊ جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. سول جج ميهڙ محمد عظيم سولنگي تعلقي اسپتال ميهڙ تي ڇپو هڻي، دوائون وڪرو ڪرڻ، عام …

Read More »

لاڙڪاڻي ۾ جيڪي ماڻهو بلاول تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن،انهن کي سندس حڪومت ڪهڙو پاڻي پياري رهي آهي؟:سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته بلاول اسان جي ٻچن جيان آهي، خواهش هئي ته بلاول به عدالت ۾ اچي پاڻي بابت هيءَ رپورٽ ڏسي ها ته، جيڪي ماڻهو مٿس جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، لاڙڪاڻي ۾ …

Read More »

بلاول هجي ها ته پاڻي واري وڊيو ڏسي ها،وزيراعليٰ صاحب! ٻڌي ڇڏيو ته هي مسئلو اوهان کي حل ڪرڻو آهي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، چيف جسٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاهه صاحب! اوهان کي هتي طلب ناهي …

Read More »

لياري ايڪسپريس وي پهرين جنوري 2018 تائين مڪمل نه ٿيو ته معاملو نيب کي اماڻينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري ايڪسپريس وي منصوبو پهرين جنوري 2018 تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جي ڀلائي وارو ڪو ته منصوبو وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، لياري ايڪسپريس وي جنوري تائين مڪمل …

Read More »

ايڊووڪيٽ جنرل صاحب! اوهان چيف منسٽر کي ڇو پيا ڦاسايو، سڌي ڳالهه ڪيو: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ ۾ صنعتن جي گندي پاڻي لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ سنڌ سرڪار جي نااهلي جو اعتراف ڪندي شرمساري جو اظهار ڪيو آهي. عدالت کيس منصوبي جو مڪمل شيڊيول گهري ورتو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل آگاهي …

Read More »

سنڌ حڪومت جا حڪم پاڻيءَ ڦوٽا! سنڌ جون اڪثر شگر ملز اڃا چالو ناهن ڪيون ويون

سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان ڪمند جي سيزن شروع ٿيڻ باوجود اڌ کان وڌيڪ شگر ملز ته اڃان چمنيون ئي ناهن ٻاريون. جڏهن ته  گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رڳو 6 شگرملز پيڙائي شروع ڪئي آهي. آبادگارن جي احتجاجن باوجود هن وقت تائين رڳو گهوٽڪي جي 5 ۽ لاڙڪاڻي جي هڪ …

Read More »