سياسي بنيادن تي 21 سالن دوران نوڪرين مان نيڪالي ڏنل ملازمن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم

ضياءَ لنجار                     ڄام خان شورو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار صوبي ۾ گذريل 21 سالن دوران سياسي بنيادن تي نوڪرين مان نيڪالي ڏنل سمورن ملازمن جي بحالي لاءِ ٻن ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ وارن معاملن جو جائزو وٺي رپورٽ تيار وڏي وزير حوالي ڪندي، جنهن تي ملازمن جي بحالي بابت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ سرڪار سياسي بنيادن تي نوڪرين کان برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڄام خان شوري تي مشتمل 2 رڪني قائم ڪميٽي 1997 کان 2008 تائين برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي لاءِ سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽي ريگيولر، ايڊهاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي لاءِ جائزو وٺندي. شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ ڀرتي ڪيل هزارين ملازمن کي نواز شريف ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ برطرف ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت برطرف ملازمن کي بحال ڪرڻ لاءِ قانون منظور ڪرايو آهي، جنهن تحت برطرف ملازمن کي بحال ڪيو ويندو.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *